اسلام آباد (م ڊ) آل پاڪستان شگر ملز ايسوسئيشن وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو، کنڊ جي قيمتن ۾ حڪومتي جواز رد ڪيو ويو، شگر ملز ايسوسئيشن خط ۾ چيو ته وزيراعظم صاحب اوهان ڪيترن ئي موقعن تي شگر انڊسٽريز کي ڪارٽل چيو، اوهان کي غلط آگاهه ڪيو ويو آهي، خط ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي کان به لاتعلقي جو اظهار ڪيو ويو، کنڊ وقت سر درآمد نه ڪرڻ جو ذميوار شگر ايڊوائيزري بورڊ کي قرار ڏنو ويو، وزيراعظم کان ملاقات جو وقت به گهري ورتو.