ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ 6  جاڙا ٻارڙا فوت ٿي ويا، ان ڏس ۾  جناح اسپتال ۾ ڪالاپل جي رهواسڻ  حنا زاهده نارمل ڊليوري ذريعي 6 ٻارن کي جنم ڏنو، ناري جو ويم ڪرائيندڙ گائنا ڪالاجسٽ ڊاڪٽر عائشه وارث جو چوڻ هو ته ڊليوري وقت هڪ ٻار فوت ٿيل  ۽ 5 حيات هئا،  3 ڇوڪرن  ۽ 2 ڇوڪرين جو وزن 300 کان 350 گرام مس هو، هن ٻڌايو ته  حيات ٻارن  مان هڪ جناح اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته 2 ٻار جناح اسپتال کان ٻارن جي اسپتال اين آءِ سي  ايچ منتقلي دوران فوت ٿي ويا، باقي 2 ٻار اين آءِ سي ايچ  ۾ ڊاڪٽر حيات بوزدار جي نگراني هيٺ داخل هئا، جن ڪالهه دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو