حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ زال کي ٻن معصوم ٻارن سميت زهر ڏئي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ پاران محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار ڪنهن به رحم جو حقدار نه آهي ان ڪري سندس سزا برقرار رهندي. ٽنڊو الهيار سان تعلق رکندڙ ڪمال خان نالي شخص پنهنجي ڀيڻ ضميران، ٽن سالن جي ڀاڻيجي رمشا ۽ ڏيڍ سالن جي ڀاڻج بلال جي قتل جو ڪيس ڀيڻوي قربان علي مغيري ۽ ٻين خلاف داخل ڪرايو هو. 23 ڊسمبر 2010ع تي داخل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته کيس فون ڪري پاڙي وارن اطلاع ڏنو آهي ته سندس ڀيڻ کي ٻارن سميت مڙس زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري ايڊيشنل سيشن جج ڪوٽڙي جي عدالت 13 ڊسمبر 2014ع تي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مک جوابدار قربان علي مغيري کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.