لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال جي يونٽ ون کي تالا لڳائڻ واري خبر پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ بعد صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو نوٽيس ورتو.صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد نواز سوهو لاڙڪاڻي پهچي شيخ زيد وومين اسپتال جو دورو ڪري يونٽ ون جي آپريشن ٿيٽر، ويم گهر، عمارت ۽ پارڪ جو دورو ڪيو، جتي هن اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته يونٽ ون جي ٻين حصن کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي جيئن عورت مريضن کي بهتر طبي سهولتون ملي سگهن. چانڊڪا جي ايم ايس اسپيشل سيڪريٽري آگاهي ڏني.صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ايم ايس کي هدايت ڪئي ته پارڪ جي صفائي ڪرائي گرائونڊ ٺاهيو وڃي. جڏهن ته اسپيشل سيڪريٽري يونٽ ون ۾ هلندڙ ڪم پڻ جائزو وٺي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ٻئي پاسي صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد نواز سوهو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اسپتالن ۾ جتي جتي به مشينري، دوائن يا ٻئي سامان جي ضرورت آهي ان لاءِ لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي.