مٺي (رپورٽر) مٺي جي عدالت وڄوٽي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل نوجوان منظور ڪورائي واري ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن مان 3 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت قلم 322 تحت داخل ڪيس ۾ نامزد ماستر بشير اوٺو، اي ايس آءِ لالو ميگهواڙ ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل خميسو اوٺو جي عبوري ضمانت منظور ڪئي، هوڏانهن اڳوڻي ايس ايچ او قربان راڄڙ کي لائين حاضر ڪري وڄوٽو ٿاڻي تي حامد مري کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آھي.