سکر/ گهوٽڪي (نمائندن وٽان) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي بند هجڻ خلاف شاگردن طرفان سيشن ڪورٽ ٻاهران بک هڙتال ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رکي وئي. شاگرد يونيورسٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي شاگردن ذيشان مڱريو، محمد حنيف ميتلو، فيض ڦلپوٽو، مهدي رضا سهتو، اختر جلباڻي، مدثر مڱريو ۽ ٻين چيو ته يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي تعليمي مستقبل جي پرواهه ڪرڻ بدران پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ ۾ مصروف آهي ۽ اداري کي وڌيڪ ڪرپشن لاءِ بند ڪيو ويو آهي. هوڏانهن لطيف يونيورسٽي خيرپور کي چئن مهينن کان بناجواز بند ڪرڻ ۽ سهولتن نه ڏيڻ خلاف گذريل جساف پاران رشيد سنڌي، عمير سنڌو، ساجد شيخ ۽ محمد بخش مھر جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب گھوٽڪيءَ کان پپل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي جساف اڳواڻن جو چوڻ هو ته لطيف يونيورسٽي خيرپور انتظاميا بنا جواز پنجن مھينن کان اعليٰ تعليمي اداري کي بند ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا کلي چڪا آھن پر لطيف يونيورسٽي انتظاميا اڃا تائين تدريسي عمل شروع ناھي ڪيو. ان سان شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد يونيورسٽي کولي وڌيڪ شاگردن جي تعليمي مستقبل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. شاگردن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته وي سي خليل ابوپوٽو ۽ رجسٽرار مريد ابوپوٽو سميت ڪرپٽ آفيسرن کي ھٽائي يونيورسٽي کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي. ٻِي صورت ۾ جساف پاران سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ ھلائي ڪئي ويندي.