ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

0
466
سنڌ ۾ ڪورونا جو ڦھلاءُ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کي ايس او پيز تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، مراد علي شاهه ج صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، ڪور فائيو، رينجرز ۽ ڊبليوايڇ او جي نمائيندن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اپريل ۾ ڪورونا سان 154 مريضن فوت چڪا ۽ صوبي ۾ ڪورونا جا 5.4 سيڪڙو ڪيسز آهن، سنڌ ۾ صحتيابي جي شرح 93 سيڪڙو رهي ۽ فوتگيون 1.6 سيڪڙو آهي، ترجمان موجب اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 7 ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ 10.42، سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 14.52، سکر ۾ 5.48 سيڪڙو ڪيسز ظاهر ٿيا، اجلاس ۾ وڏي وزير سنڌ پوليس ۽ ڪمشنرز کي هدايت ڪئي ته ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، وزير شهرن جو دورو ڪن ان سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ترجمان موجب وڏي وزير حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فييصلو ڪيو آهي.