ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ٻيراڻي واسي واپاري 24 ڪلاڪن بعد اسپتال مان هٿ آيو، ٻيراڻي واسي دليپ ڪمار لوهاڻو لالوکيت واري علائقي مان اغوا ٿي ويو هو، جيڪو ڪالهه هڪ اسپتال مان هٿ آيو. دليپ پوليس کي ٻڌايو ته لالو کيت مان کيس رڪشا سوار اغوا ڪري ويا هئا، انهن پيسا ۽ سامان ڦر ڪيو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو، تشدد سبب آئون بيهوش ٿي ويس، خبر ناهي ته ڪير اسپتال کڻي آيو. پوليس بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي