سانگهر(رپورٽر) سانگهڙ پوليس ايس ايچ او سانگهڙ جي اڳواڻي ۾ جمڙائو روڊ تي قائم دبئي سٽي هال ۾ تترن جي ٻولي جي مقابلي تي ڇاپو هنيو، ان دوران خفتين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، سنڌ جي مختلف ضلعن سانگهڙ، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار، نوابشاهه، خيرپورميرس، نئون آباد کان آيل 13 خفتي محمد علي شر، جهامن داس ڀيل، محمد علي رند، محبوب علي رند، مهرو خان لاشاري، بشير احمد شر، معشوق علي مري سميت ٻين کي پوليس گرفتار ڪري وٽائن 23 تتر ۽ مبينا طور جوا جي ٽڪري تي لڳايل 61 هزار رپين کان وڌيڪ جي رقم پڻ قبضي ۾ وٺي کين گرفتار ڪيو، ان دوران پوليس گاڏين تي چڙهي آيل خفتين جي هڪ ڪلٽس ۽ هڪ جيپ ۽ 3 موٽر سائيڪلون پڻ قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، سانگهڙ پوليس سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو. ٻئي طرف اھي چوٻول ھلندڙ آھن ته ڪيترن ئي خفتين کي بااثر ماڻهن ۽ ڏيتي ليتيءَ تي آزاد ڪيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪافي وقت کان اها ٽورنامينٽ وڏي پئماني تي ٿيندي رھي آھي. جنھن ۾ وڏي پئماني تي خفتي شريڪ ٿيندا رھندا ھئا.