کڏڙو ( ن پ ا) کڏڙو جي پنھنجي اخبار جي سينيئر ھاڪر عطا محمد جي خاصخيلي محله جي پلاٽ تي بااثر پاران مبينا طور قبضو ڪري سندن پيل سامان کڻي ويا جنھن تي ھاڪر عطا محمد پاران پنھنجي پيرسن امڙ ۽ ڀائرن سميت قبضي ٿيل پلاٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيندي چيو ته سندس پلاٽ تي آبپاشي جي سرويئر پنھنجي ھٿياربندن سميت قبضو ڪري اسان جو سامان کڻي ويا. هنن انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو.