لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) “کنڀي گم ڪيل ماڻهو آزاد ڪريو” لاڙڪاڻي ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس، سنڌ سجاڳي فورم ۽ مختلف برادرين پاران چانڊڪا پل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سورٺ لوھار، تاج جويو، محب آزاد، سارنگ جويو، سھڻي جويو، لطيف ميمڻ، شاھنواز ڀٽي، فھميده ڀٽي، اقصيٰ دايو، رحمت خاتون، فخرالنساءَ چانڊيو، شھزادي، عبدالڪريم ٽڳڙ، صنم خاصخيلي، ماروي ڪانڌڙو، شيبا مغل ۽ ٻين چيو ته انصاف دايو، ممتاز سومرو، ظفر سومرو، مرتضيٰ جوڻيجو، ڪاشف ٽڳڙ، رياض خايخيلي، ايوب ڪانڌڙو ۽ ٻين کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان پنھنجن پيارن جي آزاديءَ لاءِ مارچ، احتجاجي مظاھرا ۽ بک ھڙتالون ڪري چڪا آھيون، پر اڃا تائين نوجوانن کي آزاد ناھي ڪيو ويو، هنن عدليا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي سندن پيارن کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ جيڪڏهن سندن ڪو ڏوهه آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.