گمبٽ (ن پ ا) پ پ اڳواڻ سڪندر جوڻيجو پنهنجي پٽ وڪيل جنيد احمد جوڻيجو سان گڏ گمبٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ سيد انور زيدي ۽ ان جي ڀائرن کان منهنجي امڙ رشيده بيگم 3 ايڪڙ 35 گهنٽه زمين خريد ڪئي هئي، جنهن تي ايم پي اي نعيم احمد خان کرل ۽ سندس ڀائٽيو ڊي آء جي شرجيل کرل زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پڻ ايم پي اي ۽ سندس ڀائٽي جو ونگهارو بڻيل آهي. ايس ايس پي جي مدد سان سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن منهنجي زمين تي ٺهيل چوديواري ڊهرائي روپوش ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن. جن مان جاني مالي نقصان جو خطرو آهي. ايم پي اي ڪورٽ ۾ لکي ڏنو آهي ته زمين سان منهنجو واسطو نه آهي زمين منهنجي ڀائٽي خريد ڪئي آهي اهڙي لکت پڻ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي. پ پ اڳواڻ الزام لڳائيندي چيو ته ڪجه عرصو اڳ اڳوڻي ڊي آءِ جي شرجيل کرل مال خاني مان هٿيار گم ڪرايا هئا اسان کي شڪ آهي ته اهي هٿيار روپوش ماڻهن وٽ آهن. هوڏانهن ايم پي اي نعيم احمد کرل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سڪندر علي جوڻيجو جا الزام بي بنياد آهن سندس زمين تي قبضو ناھي ڪيو مذڪورا زرعي زمين شھلا رضا جي عزيزن جي ھئي جن کان منھنجي ڀائيٽي بئيريسٽر اسفنديار کرل خريد ڪئي آهي جنھن جي سڪندر جوڻيجو ڪوڙي دعويٰ ڪري بلاجواز اسان خلاف پروپيگنڊا ڪري رھيو آھي جڏهن ته ھو ڪنھن وٽ به ڳالھيون ڪرڻ کان لنوائي رھيو آھي ۽ ڪجھ وقت اڳ سندن ئي برادري جي چڱي مڙس محمد خان جوڻيجو وٽ رکيل فيصلي تي به نه آيو ڇو ته ھو زمين جي مالڪي ثابت نٿو ڪري سگهي ھن ٻڌايو ته معاملي جي حل لاءِ ايندڙ اربع ڏينهن ڪراچيءَ ۾ خورشيد احمد جوڻيجو وٽ اسان جون ڳالهيون رکيل آهن جنھن ۾ محمد خان جوڻيجو به شامل هوندو.