ڪراچي: اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن جو وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ: لٺبازي: 70 گرفتار

0
287

ڪراچي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن جي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ دوران چڪريون ٿيون آهن

پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي، عورت اميدوارن تي لٺبازي دوران ڪيترائي اميدوار زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته عوامي جمهوري پارٽي جِي اڳواڻ نظير قريشي سميت 70کان وڌيڪ اميدوار گرفتار ڪيا ويا آهن

مظاهرين جو چوڻ آهي ته 2013ع ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي پر اڃا تائين آفر آرڊر ناهن مليا، پرُامن احتجاج دوران پوليس عورت اميدوارن تي لٺيون وسائي ظلم ڪيو

عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ نذير قريشي کي به گرفتار ڪيو ويو، اميدوار گورنر هائوس اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا