ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيشنل اسٽيڊيم ويجھو ڪچي آبادي جي نالي تي قبضي جي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت، لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي ، ڪينٽونمينٽ بورڊ فيصل سميت لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،  جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ نيشنل اسٽيڊيم ويجهو ڪچي آبادي جي نالي تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪي ڊي اي سوسائٽي جي وڪيل ٻڌايو ته ڪي ڊي اي سوسائٽي  تي قبضو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته محمدي ڪالوني جي نالي سان وڌيڪ قبضو ڪيو پيو وڃي، مافيا روڊ سميت ٻين شين کي ختم ڪيو آھي، واٽر بورڊ جي زمين کي پڻ ڪچي آبادي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل ادارن کان جواب طلب ڪري ورتو…