ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ فنڪشنل ليگ جي سڏ تي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن پاران   واهر نه ٿيڻ تي اي سي خلاف شهر جي مک عرضي ڀٽو چوڪ تي رڪاوٽون رکي شاميانا هڻي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي حاجي اﷲ رکيو تنيو، نياز حسين مستوئي، محمد صالح رند ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   اي سي  سرڪار طرفان مليل ٽينٽ ،راشن ۽ ٻيو امدادي سامان وڏيرن  ۽ پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ۽ دربدر بڻجي بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، ٻي پاسي  اي سي نهيد ميراڻي ٻڌايو ته اڄ ڪلھه ميروخان ۾ ٽرينڊ شروع ڪيو ويو آهي ته احتجاج ڪري ڌرڻا هڻي بليڪ ميل ڪري راشن ورتو وڃي پر ائين نه ٿي سگهندو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت تائين 300 جي لڳ ڀڳ ٽينٽ ۽ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ راشن بيگ صرف ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي چئن وارڊن ۾ ڏنا آهن. ان باوجود هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. احتجاج سڀني جو حق آهي پر مان ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس.