نصير آباد (رپورٽر) نصيرآباد ۾ ٻوڏ ۽ فلڊ ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرين کي راشن ۽ ٽينٽ نه ملڻ خلاف متاثرن انڊس هاءِ وي تي  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو  هنيو، ان موقعي تي  متاثرن دانهيندي چيو ته اي سي  ۽ مختيار ڪار  پهنجا نوازي ڪري من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏين ٿا،اسان کليل آسمان تي ھيٺ ويٺل آهيون ۽ بک بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.