ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪي فور منصوبو

0
258
ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪي فور منصوبو

ڪي فور منصوبو آهي ڇا؟ جنرل ضياءُ الحق پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪراچيءَ لاءِ 650 ملين گيلن  في ڏينهن پاڻي سنڌو درياهه مان منظور ڪري ويو هو، انهيءَ کي جيڪڏهن ڪيوسڪ ۾ مٽائجي ته اهو ٿئي ٿو  1200 ڪيوسڪ. هڪ ڪيوسڪ ۾ في فوٽ في سيڪنڊ، يعني اها پاڻي وهڻ جي رفتار آهي. مختلف اسڪيمن ۽ گھرجن لاءِ اِها ڪوٽا 2006ع ۾ پوري ٿي وئي. سال 2007ع ۾ ڪراچي واٽر بورڊ جي پاڻي مددي ايجنسي هڪ فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو ته سال 2025ع ۾ تائين ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي جي گھرج ۾  1200 ڪيوسڪ کان وڌيڪ ٿيندي. سال 2010ع ۾ ڪراچيءَ جي آدمشماري 18.529 ملين ماڻهو ٿي وئي. سال 2025ع ۾ اها آدمشماري وڌي ويندي. ان ۾ وڌيل آدمشماريءَ لاءِ وڌيڪ پاڻي کپندو. ڪراچيءَ کي پاڻي ٽن ذريعن مان ملي سگھي ٿو. پهريون سنڌو درياهه، ٻيو حب ڊيم ۽ ٽيون سمنڊ. حب ڊيم برساتن ڪري ڀرجي ٿو، جيڪڏهن برساتون نٿيون پون ته اهو ڊيم نٿو ڀرجي.  حب ڊيم هڪ ڀيرو ڀرجڻ کان پوءِ وري ٽن سالن تائين پاڻي ڏئي ٿو، ويجھي ماضيءَ ۾ساندهه 5 سال مينهن نه پيا ۽ ڪراچي کي انهيءَ ڊيم مان پاڻي نه ملي سگھيو ۽ سڄو بار سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي پيو، تنهن ڪري حب ڊيم يا ٻيو ننڍو ڊيم پيئڻ جي پاڻي ڏيڻ جو اعتباري ذريعو ناهي.

هاڻي اچو سمنڊ جي پاڻيءَ تي، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتون ۽ ڪويت سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٺو ڪن ٿا، جنهن کي de salivation چئجي ٿو. پر ان تي خرچ تمام گھڻو اچي ٿو. في هزار گيلن پاڻي مٺي ڪرڻ تي 300 کان 450 رپيا خرچ اچي ٿو، جڏهن ته سنڌو مان پاڻي آڻڻ تي في هزار گيلن 30 کان 50 رپيا خرچ اچي ٿو. معنيٰ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ تي ڏهوڻ تي خرچ اچي ٿو ته ان مان معلوم ٿيو ته اعتباري ۽ سستو ذريعي سنڌوءَ جو پاڻي آهي. ڪي فور منصوبو به 1200 ڪيوسڪ سنڌو مان پاڻي کڻندو آهي. وڌيڪ 1200 ڪيوسڪ ڪوٽڙي بئراج ڄامشورو وٽان ڪي فور، ڪي بي فيڊر واهه مان ڪينجھر ڍنڍ ۾ آڻبو ۽ اتان واهه ڪڍي ۽ پمپ ڪري ڪراچيءَ کي سپلاءِ ڪيو ويندو.

ڪراچيءَ جي آدمشماري به يڪدم نٿي وڌي، اسان کي به 1200 ڪيوسڪ يڪدم نه کپي، تنهن ڪري 1200 ڪيوسڪ جي گھرج کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون مرحلو 260 ملين گيلن في ڏينهن يعني 480 ڪيوسڪ. ٻيو مرحلو 260 ملين گيلن في ڏينهن يعني 480 ڪيوسڪ. ٽيون مرحلو 120 گيلن في ڏينهن يعني 240 ڪيوسڪ. پهرئين مرحلي وارو PCI ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي قيمت 26 ارب رپيا آهي. اهو ايڪنڪ 18 جولاءِ 2014 ع ۾ منظرو ڪيو آهي. وڏي وزير جنهن منصوبي کي 23 مارچ تي FWO کي ڏئي ڇڏيو آهي، انهيءَ کي شروع ڪرڻ جو چيو آهي. اهو هي منصوبو آهي يعني ڪي فور منصوبي ۾ پهريون مرحلو آهي. باقي ٻين منصوبن تي ضرورت آهر ڪم ڪيو ويندو.

ڪي فور منصوبي ۾ ڪهڙا مسئلا آهن؟

ضياءُ الحق ڪراچيءَ کي پيئڻ لاءِ 1200 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياهه مان ڏيڻ جي منظوري ڏئي ويو. سال 1988ع ۾ هو هڪ هوائي حادثي ۾ مارجي ويو، ان وقت تائين صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست وارو معاهدو (ٺاهه) نه ٿيو هو. 21 مارچ 1991ع تي نواز شريف جي پهرين حڪومتي دور ۾ پاڻي ورهاست وارو ٺاهه ٿيو. انهيءَ ٺاهه ۾ سنڌ کي 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏنو ويو. وري اتي به لکيو ويو ته انهيءَ مان ڪراچيءَ جي شهري آبادي جي استعمال لاءِ اڳي به منظور ٿيل پاڻي شامل آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته صوبن کي ڏنل يا ورهايل پاڻي ۽ شهري ۽ ٻين گھرجن جو پاڻي شامل آهي، ڪو به صوبو ٻين گھرجن لاءِ جدا پاڻي جي دعويٰ نٿو ڪري سگھي.

سال کن اڳ پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد لاءِ اعتباري لحاظ کان 200 ڪيوسڪ پاڻي گھربل هو. اهو منظور ڪرائڻ لاءِ معاملو عام مفادن واري ڪائونسل ۾ معاملو اٿاريو ويو. ان 200 ڪيوسڪ پاڻي مان سنڌ جو حصو رڳو  83 ڪيوسڪ پيو ٿئي پر ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ انهيءَ تي اعتراض ڪيو، جنهن کي بين الصوبائي رابطه ڪاميٽي جي حوالي ڪيو ويو. جنهن جو اڃا ڪو فيصلو نه ٿي سگھيو آهي.

تنهن کان پوءِ سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه انهيءَ درخواست کي منظور ڪيو. ڪي فور منصوبي جي PC-1 ۾ اهو لکيل آهي ته 1200 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي منظوري لاءِ ارسا کي چيو ويندو ته اهو پاڻي سنڌو درياهه مان منظور ڪري ۽ سنڌ جو آبپاشي کاتو انهيءَ پاڻيءَ کي مهيا ڪرڻ لاءِ ڪينجھر ڍنڍ جي گنجائش وڌائڻ لاءِ ۽ ڪي بي فيڊر جي ري ماڊلنگ وارا ڪم ڪري، جڏهن ارسا کي منظوريءَ لاءِ لکيو ويو ته هُن اهو نه ڏنو ۽ چيو ويو ته اهو معاملو عام مفادن واري ڪائونسل ۾ نيو ويندو. ڪي فور منصوبي لاءِ واڌو پاڻي 1200 ڪيوسڪ سنڌو درياهه مان ڪينجھر ڍنڍ وسيلي ملي سگھندو.

انهيءَ ڪم لاءِ ACE ڪنسلٽنٽ 19 ارب رپين جي PC-1  ٺاهيو ويو، جنهن مطابق هلندڙ پاڻي ڪي بي فيڊر کي سيمنٽ ڪانڪريٽ سان پڪو ڪيو ويندو ۽ ايئن ڪرڻ سان 600 ڪيوسڪ سيمو بند ٿيڻ ڪري بچي ويندو، جيڪو في الحال ڪراچي جي پهرين مرحلي جي گھرجن لاءِ ڪافي ٿيندو. هلندڙ پاڻي ۾ پڪو ڪرڻ جو ڪم هڪ جرمني طرفان ڪانڪريٽ سان ڀريل (Mathesses) ذريعي ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ اها ٽيڪنالاجي پهريون ڀيرو استعمال ٿيندي، پڪي ڪرڻ جي نتيجي ۾ سيمي وارو بچايل پاڻي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ذخيرو ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ اها اسڪيم ٺاهي وئي آهي.

ڪي فور  منصوبي جو سنڌ جي زراعت تي اثر:

ڦٽين جي زراعت تي اثر پوندو، انهن کي معاوضو ڏيڻو پوندو، انهيءَ ۾ غريب هارين جو ڪهڙو ڏوهه.

ڪي فور منصوبي جي اهميت:

اهو منصوبو سنڌ لاءِ اهم آهي، انهيءَ تي ضرور ڪم ٿيڻ گھرجي. هي منصوبو پهرين ڪراچي پورو پيو ڪرائي، تنهن کان پوءِ اهو منصوبو واپڊا وارن کي ڏنو ويو. ڪراچي لاءِ پيئڻ جو پاڻي اهم آهي، اهو  ضرور مهيا ٿيڻ کپي، جيڪڏهن اهو مهيا نه ڪيو ويو ته ڪراچيءَ وارا روڊن تي نڪري ايندا.