مور تو جِهينگُور ٻولي….!

0
195
مور تو جِهينگُور ٻولي....!

مور مِينهَن جا دُوت آھن. نيري پک وارا اهي ساوا مور هن سُڪل وطن جو شان ۽ مان آھن. مور دل جا چور آھن. مور، جن جي مٺي ٻوليءَ ۾ مڌُر ٽهوڪا ٻُڌي ماڻهوءَ کي اڌُڀُت آنند اچيو وڃي. مور، جيڪي مينهن کي آوڪار ڪندي مٺي لات لَوندي ايڏا ته خوبصورت لڳندا آھن جو وڻن کي به وڻندا آھن. مور جن جا کنڀ مقدس ڪتابن کان وٺي درويشن جي درگاهن تائين جي زينت بڻبا آھن. ٿر جون سُگهڙ مايون پنهنجن هُنرمند هٿن سان اُنهن کنڀن مان مور وينڃڻا ٺاهي هٿ جي هنر کي هٿي وٺرائينديون آھن. نه رُڳو ايترو پر گهوٽن جي موڙن ۾ مور ڪِلنگي لڳائڻ کان وٺي عورتن جي زيورن ۾ مور نٿ ۽ مور هار تائين هي پکي ٿر جي ثقافت جو اهم حصو آھي. مور هن مٽيءَ جا اڇا اُجرا اهڃاڻ آھن. مور اسان جي ديس جا دلربا پکي آھن.

اُھي پکي جن کي ڏسي يونان جي فاتح سڪندر اعظم جي ماءُ چيو هو ته، ”جنهن مُلڪ جا پکي ايڏا حسين آھن اُن ملڪ جا ماڻهو ڪيڏا نه خوبصورت هوندا!“ نيل ڪنٺ ۽ ڳاڙھن نيڻن وارا مور جن جا کيڙا ڏسي دل باغ بهار ٿي ويندي آھي. ٿر جو اُهو ڪو نڀاڳو اڱڻ هُوندو جنهن ۾ علي الصبح جو ڪو مور چُوڻ چُڳڻ لاءِ ٽلڪارا نه ڪري. مور ٿر جي هر گهر جي سُونهن آھن. ٿر جا ماڻهو مورن سان وڏي مُحبت ڪندا آھن.

”مور ٿو ٽلي راڻا“ ۽ ”ڪَنٺي پر مور ٻولي“ کان وٺي ”مور تو جهينگور ٻولي“ تائين لوڪ ڪَٿائن ۽ لوڪ ڪَوتائن ۾ مورن جي مهانتا جا ڪيئي قصا ڪَٿيل آھن. موريو گيت ۾ مور جي وڏي واکاڻ ٿيل آھي. اهڙي واکاڻ شايد ئي ڪنهن پکيءَ جي ٿيل هُجي. مائي ڀاڳيءَ جي مٺڙي آلاپ ۾ موريو ٻُڌي ماڻهوءَ جو من ٿر جي ٿُوهرن ۾ وچڙي پوي ٿو. ٿر جو سمورو لوڪ ادب ان ڳالهه جو گواھ آھي ته مور پکيءَ بنان ٿر ڏُهاڳڻ نار جي اُجڙيل مانگ جھڙو لڳندو آھي.

مِينهن ۽ مور آھن ته ٿر جي ڌرتي سڀاڳي ۽ سُهاڳڻ آھي. ”ماٿاري ماٿي موريئڙو ٻولي، مانرو هينوڙو هچڪولي“ وارو گيت جڏھن ڪريم فقير جي آواز ۾ ٿر ڀٽن ۾ گونجندو آھي، تڏھن ائين لڳندو آھي ته ڄڻ مور سڄڻن جا سنيها آھن. مور مري ويا ته مِينهن ۽ محبوب جي ياد ڪير ڏياريندو؟ مِينهن ۽ محبوب وسري ويا ته ٿر، ٿر نه رهندو. لوڪ گيت گيتڪارين جي نڙين مان کُنڀين وانگي ڦُٽڻ بند ٿي ويندا. اهي مور ئي ته آھن جيڪي ماٿارين تي ويهي ڏُکايل ڏيهه جي بُکايل ماروئڙن کي محبوب ۽ مِينهن جي ياد ڏياري رهيا آھن، ۽ چئي رهيا آھن ته؛

اسين گڙ را موريا ڪانڪر پيٽ ڀران

رُت آوي  نا  ٻولان هينئون ڦاٽ مران

اسين بن جا مور آھيون. پٿر کائي پيٽ ڀريون ٿا. مينهن جي مُند اچڻ تي جيڪڏھن نه ڳالهايون ته هينئون ڦاٽي پوندو ۽ مري وينداسين.

مور تو جهينگور ٻولي مور ٻولي بن ۾

ٽيج رو تُون نه آويو ڍولا ڌُوڙ ٿانري ڌن ۾

(مور مڌُر ٽھوڪا ڪري رهيو آھي. جهنگ ۾ جهينگور ٻولي رهيو آھي. اي ڍولا! تُون ٽيج جي ڏينهن تي به نه آئين تنهنجي اهڙي ڌن کي ڌُوڙ وجهان)

مت ٻول مورلا او تو  اگهو  جائي

ايڪ اوڍو اڻهرو اوپر تهانجو گهاءِ

)اي مور! ڌيمو ڌيمو ڳالهائي، اوڍو اڳي ئي پريشان آھي مٿان تُنهنجي مٺي ٻوليءَ جو گهاءُ هن کي وطن جي ياد ۾ تڙپائي رهيو آھي(.

ميهه موران وَن ڪونجران، آنٻا رَس سُوئان

سيڻ ڪُوچن، جنم ڀُومي، وسرسين مُوئان.

)مورن کي مينهن، ڪُونجن کي بنواس، طوطي کي اَنب جو رسُ ڪڏھن به ناهي وسرندو، ائين جيئن سيڻن جي واتان نڪتل ويڻ ۽ جنم ڀُوميءَ ماڻهوءَ کي مُئي پُڄاڻان وسرندي آھي جيئري ڪڏھن به نه(.

مور ۽ مينهن جو ناتو ائين آھي، جيئن سرير ۽ ساھُ جو آھي. جيئن کير ۽ کنڊُ جو آھي. جيئن چڪور ۽ چَنڊُ جو آھي. مور مينهن بنان مري ويندا آھن. مينهن ۾ مور ائين خوش هوندا آھن جيئن ڌيئاري پنهنجي ديس ۾ ۽ ريٻاري پنهنجي ويس ۾ سرها هوندا آھي! مور اسان جي مُلڪ جي نه رڳو سُونهن ۽ سوڀيا آھن پر مور اسان جي ڌرتيءَ جي اڻ ٻُڌائي اورکاڻ پڻ آھن. مورن جون صدائون هن ساڻيهه جو سُريلو آواز آھن.

هن وقت مورن ۾ راڻي کيت نالي بيماري ڪاهي پئي آھي، جنهن جي ڪري هر روز سوين مور بي موت مري رهيا آھن، ٿر جو هر ڳوٺ مورن جو اجتمائي قبرستان بڻجي ويو آھي. لائيو اسٽاڪ وارا الئه ڪٿي گُم آھن. ڪڏھن ڀُل ڀُلندي ڪٿي وڃن به ٿا تڏهن به رڳو ڦوٽُو سيشن ڪرائي چند لمحن ۾ واپس هليا وڃن ٿا. اُنهن کي پنهنجي ذميواريءَ جو ڪوبه احساس ناهي. مور مرن، چاهي هرڻ مرن، اُنهن جو ڪم پگهار سان آھي اُها ملي پيئي بس. هيڏا سارا مور مرڻ باوجود اڃا تائين ڪوبه هنگامي بُنيادن تي قدم ناهي کنيو ويو. هن وقت ٿر جي هر ڳوٺ ۾ مورن جا ٽِڙ پکڙ لاش ڏسي اَکيون ڀرجي اچن ٿيون. لاڳاپيل کاتي کي گهرجي ته يڪدم ڪي جوڳا اُپاءُ کڻي ته جيئن ٿر جي هن فطري سُونهن کي بچائي سگهجي. هر ڳوٺ ۾ ٽيمون موڪلي بيمار مورن جي تُرت تپاس ڪئي وڃي، ويساک جي غضبناڪ گرمين ۾ مورن جي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڪو خاص بندوبست ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته مور پٿر کائي پيٽ ڀري ويندا پر اُڃ ٺُپ برداشت نه ڪري سگهندا. بيمار مورن کي اُڃ وقت کان اڳ ماري وجهندي، ان ڪري مورن جي دوا درمل ڪرڻ سان گڏ انهن جي جياپي جو جوڳو انتظام ڪرڻ به انتظاميا جي ذميواريءَ ۾ شامل آھي. اسان کي اُميد آھي ته اسان جا حُڪمران ٿر جي جمالياتي حُسن جو قدر ڪندي مور کي هن مهلڪ مرض مان تُرت نجات ڏياريندا.