تعليمي معيار، امتحان ۽ ڪاپي ڪلچر

0
247
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان هلندڙ آهن. امتحانن ۾ ڪاپي عروج تي آهي. امتحان مسخري بڻجي رهجي ويا آهن. توڙي جو امتحانن دوران قلم 144 لاڳو ڪيو ويندو آهي، جنهن سان ڪنهن حد تائين ٻاهرين مداخلت ۾ ته گهٽتائي ايندي آهي، پر امتحاني سينٽرن اندر کلئي عام ڪاپي ٿئي ٿي. اهي زمانا ويا، جڏهن شاگردن کي سوالن جا جواب ٻاهران (يا امتحان هال اندر) پنن تي لکيل (يا ڇپيل) ملندا هئا، هاڻي ته ٽيڪنالاجي اهو ڪم به وڌيڪ سهل ڪري ڇڏيو آهي. موبائل فون ۾ واٽس ايپ تي شاگردن کي سڄو امتحاني پيپر حل ٿيل ملي ٿو وڃي. باقي شاگردن کان امتحان هال ۾ موبائل فون کسڻ جو جوکم امتحاني ڊيوٽي ڪندڙ استاد ناهي کڻي سگهندو.

سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڪهڙو آهي، ان جي پروڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازي رپورٽ مان ئي پئجي وڃي ٿي. پرائيويٽ سيڪٽر کي وڌڻ ويجهڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سرڪاري شعبي جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. سرڪاري اسڪول ٻارڙن لاءِ قيد خانا بڻيل آهن، جتي انهن کي ڏينهن جا ڪجهه مقرر ڪلاڪ گذارڻا پوندا آهن. اسان انهن اسڪولن کي قيد خانا ان ڪري ٿا چئون ته نه اتي پورو فرنيچر هوندو آهي، نه بجلي، نه پاڻي ۽ نه ئي وري واش روم جي سهولت. ايتري قدر جو اڪثر اسڪولن جي چوديواري به نه هوندي آهي. اها ڳالهه انهن اسڪولن جي آهي، جن جون عمارتون آهن، جن ۾ استاد ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي، پر ايندا آهن. باقي جيڪي اسڪول بنا عمارتن جي هلي رهيا آهن، يا وري جن اسڪولن ۾ استاد اچن ئي ڪونه ٿا، ويزا تي ويل هوندا آهن، انهن اسڪولن جي ته ڳالهه ئي “اور” آهي. ظاهر آهي ته جڏهن تعليمي عمارت جو بنياد ئي اهڙو هوندو ته ان تعليم جو ڪهڙو معيار هوندو؟ دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اتي جون حڪومتون گهڻي سيڙپ تعليم تي ڪنديون آهن، پر اسان وٽ سرڪاري شعبي جي تعليم حڪمران ٽولن جي ترجيح ناهي رهي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته اسڪولن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ٻار پرسڪون ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن. ان بعد مرحلو اچي ٿو نصاب جو ته ڪهڙو نصاب پڙهايو وڃي ٿو. ڇا اسان جي تعليمي ادارن ۾ جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو، اهو جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي؟ ان کانپوءِ اها ڳالهه اهم آهي ته اهو نصاب ڪيئن ٿو پڙهايو وڃي! اسان وٽ هن وقت به جديد تدريسي طريقن بدران هڪ صدي پراڻا مدي خارج تدريسي طريقا مروج آهن. ان بعد ڳالهه اچي تي امتحاني سرشتي جي. قيدخانن جهڙي ماحول ۾ فرسوده تدريسي طريقن سان پڙهايل مدي خارج نصاب جو امتحان سالياني امتحاني طريقي ذريعي ورتو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاگرد جي اهليت جي پرک سڄي نصاب مان پنجن سوالن جي جوابن سان ڪئي وڃي ٿي. ڇا سڄي مضمون مان پنجن سوالن جي جوابن سان شاگردن جي اهليت جو پتو پئجي سگهي ٿو؟ ان ڪري هر ڪو سوچي ٿو ته پنجن سوالن جي جوابن لاءِ محنت ڇو ڪجي؟ ان کان پوءِ رهيڪ ڪسر تعليمي بورڊ پوري ڪري ٿا ڇڏين، جتي مارڪن ۽ گريڊن جو وڪرو هاڻي ڳجهو نه رهيو آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ نصاب، تدريسي طريقن سان گڏ امتحاني سرشتو به مدي خارج ۽ ناقص آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سيمسٽر سسٽم وانگر ڪورس کي ننڍن ننڍن يونٽن ۾ ورهائي سڄو سال پڙهايو وڃي ۽ ان جا امتحان (ٽيسٽون) ورتا وڃن. صرف اهوئي طريقو آهي، جنهن سان ڪاپيءَ جي رجحان کي ختم ڪري سگهجي ٿو. اسڪولن ۾ سموريون گهربل سهولتون مهيا ڪيون وڃن. جديد تقاضائن پٽاندڙ نصاب جوڙيو وڃي ۽ ان جي تدريس لاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو وڃي ۽ استادن جي تربيت جو اهتمام ٿيڻ گهرجي ته جيئن جديد تدريسي طريقن ذريعي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. امتحانن جو سيمسٽر سسٽم وانگر سرشتو جوڙيو وڃي. انهن ئي اپائن سان ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ۽ سرڪاري شعبي جي بهتر تعليمي معيار جي اميد ڪري سگهجي ٿي.