ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ناردرن باءِ پاس تي پوليس چوڪي وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ 35 ورهيه جي موسيٰ خان پٽ تارا خان طور ٿي، هٿياربندن موسي خان کي ڦرلٽ دوران مزاحمت تان قتل ڪيو