ڪشمور(رپورٽر)  ڪشمور جي سردارو کوسو واري علائقي ۾ پنجاھ ورھين جي نامعلوم عورت جو گھٽا ڏيئي قتل ٿيل ڪپڙن کان آجو لاش هٿ ڪيو ويو علائقي واسين جي اطلاع تي ڪشمور پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود لاش جو ڪو وارث يا ڏس پتو نه پئجي سگهيو ڪشمور تعلقي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ابتدائي رپورٽ مطابق عورت کي ڪپڙي نما رئ سان گھٽو ڏيئي قتل ڪيو ويو جزا ورتا ويا آهن جيڪا لمس ليبارٽري موڪليا ويندا ٻئي پاسي ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايچ او ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شروعاتي جاچ ۽ ڊاڪٽرن جي نشاندهي تي ڄاڻ ٿي آهي ته عورت کي گھٽا ڏنا ويا جنهن ڪري ڪارڻ موت ٿيو آهي قتل ٿيل عورت ڪشمور ضلعي جي ناھي ڪنھن ٻئي ضلعي کان آيل ھئي جنھن کي قتل ڪيو ويو آهي مارجي ويل نامعلوم عورت سان جنسي زيادتي جي تصديق ناهي ٿي ڪشمور پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا