سکر (بيورو رپورٽ) جيڪب آباد کان سبي بلوچستان ٽريڪ ٽرين آپريشن لاءِ  ڪليئر قرار، تجرباتي طور 605 ٽن وزن سان گڏ مال بردار ٽرين جيڪب آباد کان سبي روانو ڪئي وئي. اِن ڏس ۾ ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ سکر محمد عرفان الحق طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ريلوي سکر ڊويزن جي عملي جي محنت بعد ٽريڪ بحال ٿي ويو آھي، جيڪب آباد کان سبي سيڪشن تي پھرين مال گاڏي رواني ڪئي وئي، مال گاڏي 605 ٽن وزن کڻي جيڪب آباد کان سبي رواني ٿي وئي آهي.