دادو (رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ۾ هڪ لک 60 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون کليل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ڪروڙين رپين جون بيقائدگيون ڪرڻ جا انڪشاف ٿيا آهن، خدآباد گودام تان 40 هزار کان وڌيڪ ٻوريون کڻائي گودام کي خالي ڪيو ويو آهي، ڇنڊڻ، چنگلاڻي، ڦلجي اسٽيشن، ڪيٽي محمد هاشم سميت ڪيترن ئي گودامن تان ڪڻڪ کڻائي پئي وڃي، ڪيٽي محمد هاشم گودام جي 30 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون ڪي اين شاھ گودام تي منتقل ڏيکاريون ويون آهن، ساڳئي وقت ڊي ايف سي دادو ٻوڏ هيٺ آيل ڪي اين شاھ جو گودام ٻڏي وڃڻ سبب هڪ لک ڪڻڪ جون ٻوريون ضايع ڏيکاريون آهن ۽ لکت ۾ خوراڪ کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ، ڊائريڪٽر ، ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ليٽر موڪلي ڏنو آهي، فوڊ کاتي جي گودامن مان ڪڻڪ گم ڪرڻ وارين شڪايت کانپوءِ خوراڪ کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر ليٽر نمبر 1174 دادو ضلعي جي گودامن جي فزيڪل ڪرائڻ لاءِ ڪاميٽي تشڪيل ڏني آهي، ڪاميٽي دادو پهچي گودامن ۾ پيل ڪڻڪ جو رڪارڊ ۽ گودامن ۾ موجود ڪڻڪ بابت انگ اکر گڏ ڪري رهي آهي، ٻي طرف آٽا چڪي ايسوسئيشن جي سڪندر لاکير ، عرفان احمد شيخ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گذريل 3 مهينن کان ڪڻڪ جو بحران ٿيو ۽ کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگھه 9 هزار 300 رپين تي پهتو ته فوڊ کاتي عملدارن ملي ڀڳت ڪري سرڪاري گودامن ۾ پيل 2 لک ڪڻڪ جون ٻوريون واپارين جي معرفت کليل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيون آهن، رڪارڊ جي پورائي لاءِ  رڪارڊ ۾ موجود اٽا چڪين جي نالن تي 4874 ، في ٻوري جي حساب سان چالان جمع ڪرايا آهن، هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوڊ کاتي دادو ۾ ٿيل بيقائدگين جي جاچ ڪرائي وڃي.