ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) ڪراچي جي ڊي جي سائنس ڪاليج جا ٻه ڪمرا سنڌي ٻولي اٿارٽي  حوالي  ڪرڻ وارو  معاملو، سپلا اڳواڻن ڪاليج جي پرنسيپال کان تفصيل معلوم ڪرڻ کان اڳ ئي احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، ان ڏس  ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڪراچي جي ڊي جي سائنس ڪاليج جي ٻن  ڪمرن ۾  سنڌي  ٻولي جي سکيا  لاءِ ٻولي اٿارٽي پاران سنڌي لينگويج سينٽر  قائم ڪرڻ  جو  فيصلو ٿيو هو ، جنهن جي سپلا اڳواڻن مخالفت ڪئي آهي، سپلا ڪراچي جي  اڳواڻ ڪريم ناريجو رابطو  ڪرڻ تي ٻڌايو ته مختلف وقتن تي ڊي  جي ڪاليج تي مافياز قبضن جي  ڪوشش  ڪئي آهي، اڳ  ۾ به سنڌ  ٽيڪسٽ  بڪ بورڊ، رينجرس، نادرا ۽ ٻين  قبضا ڪيا، هاڻي خبر پئي ته سنڌي لينگوئج اٿارٽي  ٽ قبضي جي ڪوشش  پئي ڪري، اسان ڊي  جي ڪاليجز سان ملاقات ڪئي، جنهن اٿارٽي  کي ڪمرا  نه ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جيڪڏهن انهي عمل کي نه روڪيو ويو ته اسين احتجاج ڪنداسين، هوڏانهن سنڌي ٻولي اٿارٽي جي ترجمان جاري  ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪاليج جي ٺھيل تاريخي عمارت اندر ڪنھن به قسم جي ڀڃ ڊاهه ناهي ڪرائي،  اسين ڪراچي ۽ سکر  ۾سنڌي  لينگوئج سينٽر قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، سکر آرٽس  ڪائونسل ۽  ڊي جي سائنس ڪاليج ۾  هڪ مهيني لاءِ ڪلاسز  هلائڻ  تي اتفاق  ٿيو هو، ڪاليج جي ايم ايس سي بلاڪ جي 10 سالن کان ٺيڪيدار جي قبضي ۾ آيل رومن مان ٻه ڪمرا  ڏيڻ  تي  راضپو ظاهر ڪيو ويو ، اسان هڪ ڪمري  ۾ رڳو باٿ  روم جو دروازو لڳرايو آهي، هوڏانهن ڪاليج جي پرنسپال جي پروفيسر  مهر منگي ٻڌايو ته ڊي جي سائنس ڪاليج جي قديمي عمارت  ۾ ڪنهن به قسم جي ڀڃ ڊاهه ناهي ٿي ۽  نه ئي ڪنهن قبضو ڪيو آهي،  ڪجهه ماڻهو افواهه پکيڙي غلط  بياني پيا ڪن، ٻولي اٿارٽي  جي چيئرمين ڪاليج جو دورو ضرور ڪيو هو، پر انهن کي اڃا تائين ڪمرن جي الاٽمينٽ  جو ڪو به ليٽر  ناهي مليو.