سرحد (ن پ ا) هڪ هفتو اڳ اغوا ٿيل جهانپور شريف واسي فوجي جوان رائونتي جي ڪچي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو، مغويءَ جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن عيوض ٿيڻ جا چوٻول. خبر موجب هڪ هفتو اڳ  ڌاڙيلن هٿان سرحد ڀرسان جهانپور شريف واسي اغوا ٿيل فوجي جوان عزيزالله سومرو آندل سندراڻي جي ڪچي مان بازياب ٿي ويو آھي. ان سلسلي ۾ فوجي جوان عزيز الله سومرو جي وارث محمد بخش سومرو، نوجوان جي بازيابي جي تصديق ڪئي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آھي ته مغوي عزيزالله سومرو جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ذريعي عمل ۾ آئي آھي. مغوي عزيز الله سومرو جي بازيابي بعد سندس جي گهر ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آھي.