ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ وفاقي حڪومت نصاب جي تياري لاءِ  رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان حوالي سان ڪالهه تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھ پاران مقامي هوٽل ۾ “تعليمي سڌارن، قومي نصاب جي لانچنگ ۽ استادن جي ٽريننگ ۽ ڊولپمينٽ“ جي حوالي سان ٿيل  تقريب ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طئه ڪيو ويو ته نصاب جي تياري جي حوالي سان رابطا جاري رکيا ويندا. تقريب ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي معاملو آهي، مادري ٻولين بابت اسان جو جيڪو موقف هو ساڳيو ئي بلوچستان جو به آهي. هن چيو ته اقليتن لاءِ نصاب تيار ڪرڻ هڪ شاندار ڪوشش آهي. اهو ضروري آهي ته اسان پنهنجن ٻارن کي پنهنجي علائقي ۽ واقعن بابت سيکاريون، اسان وفاق سان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته انگريزي، رياضي ۽ ڪمپيوٽر سائنس کي ملڪي سطح تي هڪ ئي نصاب تحت پڙهايو ويندو، جڏهن ته صوبا ٻين مضمونن لاءِ پنهنجو نصاب ترتيب ڏيندا.. هن چيو ته سنڌ ۾ استادن کي ٽيچنگ لائسنس لازمي قرار ڏيڻ لاءِ  ڪم ڪريون پيا، ان موقعي تي وفاقي تعليم واري وزير راڻا تنوير ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ موجوده تعليمي نظام کي هاڻي سنگل نيشنل ڪريڪيولم بدران نيشنل ڪريڪيولم آف پاڪستان تحت سمورن صوبن جي مشاورت سان لاڳو ڪيو ويو آهي. نصاب جي تياري جي سلسلي ۾ سنڌ جي موقف کي نه رڳو تسليم ڪيو ويو آهي پر سنڌ کان ڪيترن ئي معاملن ۾ رهنمائي پڻ ورتي وئي آهي. پوري ملڪ ۾ ون بُوڪ ( هڪ نصاب ) ھجڻ وارو تصور غلط هو.