ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪراچي ۾ ڊيرامراد جمالي واسي نوجوان قتل، هڪ ناري جو سڙيل لاش مليو، پوليس طرفان ٻنهي واقعن جو هڪٻئي سان ڳانڍاپي جو شڪ، ان ڏس ۾ ڪالهه موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ناردرن باءِ پاس تي صفيا مدرسي وٽ پنڪچر جي دڪان تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ثناءَ الله پٽ خان محمد کوسو قتل ٿي ويو، ايس ايس پي اولهه سهائي عزيز ٽالپر موجب مقتول جو تعلق ڊيرا مراد جمالي سان آهي، واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا، جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف سرجاڻي ٽائون جي گلشن ڪنيز سوسائٽي ۾ نوجوان ناري جو سڙيل لاش هٿ آيو، ايس ايس پي اولهه سهائي عزيز موجب ناري جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، سندس سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي، لاش جي سڃاڻپ لاءِ نادرا فنگر پرنٽس ورتا ويا آهن، ناري کي مڪمل لباس به پاتل نه هو، ممڪن آهي ته باهه سبب سندس اڌ ڪپڙا سڙي ويا هجن، ڊي اين اي سيمپل به ورتا ويا آهن. ايس ايس پي موجب شڪ آهي ته ناردرن باءِ پاس تي نوجوان جي قتل ۽ ناري واري واقعي جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.