ڀارت ۾ ڪورونا قيامت برپا ڪري ڇڏي

0
275

نئين دھلي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ ڪورونا جي ڪري قيامت برپا ٿي وئي، جتي ڏسو لاش ئي لاش نظر اچن ٿا، ملڪ ۾ فوتين جو تعداد اڍائي لک کان به چڙهي ويو، ڀارتي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڀارت ۾ ساڍا 3 لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسز سامهون آيا آهن ۽ سوا چار هزار مريض فوت ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪورونا سان ڀارت جي 15 رياستن ۾ تباهي ڇانيل آهي ۽ مثبت ڪيسز جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌي وئي، ٻئي طرف مودي سرڪار دنيا کان منهن لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ شديد تنقيد کان بچڻ جي لاءِ ڀارتي وزيراعظم جي سيون اجلاس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ياترا به ملتوي ڪري ڇڏي..