چڪ (ن پ ا) چڪ لڳ هٿياربند هٿان 2 ڄڻا اغوا، رستم پوليس جي بروقت ڪاروائي ۾ بازياب. خبر موجب ڳوٺ قبي جامي واسي ٻن نوجوانن حافظ برڪت الله ڀيو ۽ امان الله ڀيو کي ڳوٺ ويندي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا، اطلاع تي رستم پوليس ٿڏي تي ڪاروائي ڪندي ٻنهي نوجوانن کي مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو، ان ڏس ۾ ايس ايچ او پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته قبي جامي واسي 2 نوجوانن کي ڳوٺ ويندي هٿياربندن اغوا ڪيو، جڏهن ته پوليس بروقت هٿياربندن جو پيڇو ڪري اغوا ٿيل ٻنهي نوجوانن کي ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرائي ورتو. ڳوٺ جامي قبو واسي ڀيا برادري جي چڱي مڙس ربنواز ڀيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺ مبارڪ سومرو ۾ استاد انور علي سومرو جي مسجد ۾ ختم قرآن جي تقريب مان سندس ڀائيٽيو امان الله ڀيو ۽ ويجهو عزيز برڪت الله ڀيو واپس اچي رهيا هئا ته هٿياربندن کين اغوا ڪيو، هن چيو ته نوجوانن جي دانهن تي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ۽ پوليس پهچي ٻنهي نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.