ٽنڊو آدم/ ڄام نواز علي (نمائندن وٽان) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪار جو چنگچي کي ٽڪر عورت سميت 2 ڄڻا فوت 5 زخمي ٿي پيا. ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد ڪلوئي وٽ تيز رفتار ڪار سامهون ويندڙ چنگچي کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي ۾ سوار ڳوٺ مبارڪ مجيداڻو واسي 55 ورهين جو علي حسن ولد عبدالرحمان مجيداڻو ۽ 35 ورهين جي لطيفان زال غازي خان مجيداڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 26 ورهين جو فدا حسين ولد چڀڙ مجيداڻو، 5 ورهين جو تنوير علي پٽ حمير علي، 10 ورهين جو آصف ولد ميهر، 30 ورهين جي زيب النساءِ زال امير علي ۽ 8 ورهين جي ريحانه ڌيءُ غازي خان ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم آندو ويو جتي فدا حسين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيوويو. معلوم ٿيو آھي ته حادثي جو شڪار بڻيل ٽنڊي آدم وڃي رهيا هئا ته تيز رفتار ڪار کين ٽڪر هنيو. جڏهن ته ڪار ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو پوليس ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.