ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واپاري جي قتل ۾ سندس زال ۽ سالو ملوث نڪتا، پوليس کين گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾  26 جولاءِ تي واپاري رضوان سوريا کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو هو، پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي قتل ڪيس جي جاچ ڪندي اهم شاهديون هٿ ڪرڻ بعد مقتول جي زال نورين، سالي عمران ۽ سندس دوست سجاد کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب واپاري رضوان سالي عمران کان قرض جا ڏيڍ ڪروڙ رپيا واپس گهريا هئا، پوليس موجب قتل واري ڏينهن به سي ڊي آر موجب نورين ۽ عمران پاڻ ۾ رابطي ۾ هئا، عمران پنهنجي دوست سان گڏجي رضوان کي قتل ڪيو هو