حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ڀٽائي نگر پوليس جوابدار محمد گل ۽ احمد يار کي رمانڊ پورو ٿيڻ بعد سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدارن جو رمانڊ پورو ٿي ويو آهي. فريادي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان پوليس آڏي پڇا پئي ڪري ان لاءِ سندن ٻن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو وڃي

پر عدالت جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. فورٿ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نازيا امير علي مھيسر جاچ آفيسر کي ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو. جاچ آفيسر سليمان لاشاري سادي پنن تي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن تي عدالت پاران مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ٻئي طرف جاچ آفيسر گذريل شنوائي تي آجو قرار ڏنل جوابدار امداد علي پٺاڻ بابت 497 سي آر پي جي رپورٽ به عدالت کي فراهم ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ٻڌايو پيو وڃي ته اڳوڻي ايس ايڇ او پاران افضل پٺاڻ ڄاڻائي گرفتار ڪيل امداد پٺاڻ کي پوليس پاران آزاد ڪيو ويندو.