وارھ (ن پ ا) وارھ جي گرلز هاءِ اسڪول مان مبينا طور اغوا ٿيل ڇهين جماعت جي شاگردياڻي 11 ورهين جي آسيا چانڊيو کي قمبر پوليس هٿ ڪري ورتو آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي قمبر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته نينگري کي هٿ ڪري ورتو آھي، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪبو. ياد رهي ته نينگري جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران مسلسل ٻن ڏينهن کان  احتجاج ڪيو ويو. جنهن بعد ايس ايس پي وارھ پهچي نينگري جي وارثن سان ملاقات ڪري کين بازيابي جي خاطري ڪرائي وئي هئي.