شھدادڪوٽ (رپورٽر ) ڳوٺ وڏا سيلرا ۾ گرلز مڊل اسڪول لاءِ پلاٽ ڏيندڙ شاھنواز ۽ ربنواز سيلرو معاهدي تحت نوڪريون نه ملڻ تي لڳايو. ڊي اي او قمبر انيس الرحمان جلباڻي نوٽيس وٺڻ  بعد ايس ايس  پي قمبر کي اسڪول کي تالا لڳائيندڙ شاھنواز ۽ ربنواز سيلرو مٿان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو. تعليم کاتي جي ڪلارڪ رياض غلام مرتضي مگسي جي فرياد تي شاھنواز سيلرو ۽ ربنواز سيلرو سميت ٽن ڄڻن تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي. ياد رھي ته گرلز  مڊل اسڪول لاءِ پلاٽ ڏيندڙ مالڪ شاھنواز سيلرو ربنواز سيلرو پلاٽ جي عيوض ۾ 2 نوڪريون نه ملڻ تي تالا لڳايا آهن.