خيرپور (رپورٽر) ڪراچي جي ناري ڪوٽڏيجي جي نوجوان سان خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن طرفان اغوا ۽ زنا جو ڪيس داخل، خيرپور ۾ احتجاج، تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ڪيس خارج ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب ڪراچيءَ جي رهواسڻ ناري عريبا ڪاٺياواڙي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ساجن گوپانگ جي نوجوان طاهر گوپانگ سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ناريءَ جي والد محمد عمر نيو ڪراچي ٿاڻي تي ڌيءَ جي اغوا ۽ ساڻس زيادتيءَ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن بعد پوليس ٻڌڇوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. جوڙي خيرپور ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته هنن پنهنجي مرضيءَ سان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آهي پر ناريءَ جا مائٽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزامن تحت قتل ڪرائڻ چاهين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري زندگيون بچايون وڃن.