حيدرآباد (بيورو رپورٽ) بورڊ آف روينيو جي اختيارين تعلقي ٻهراڙي جي مختيارڪار زوهيب حسن ميمڻ کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس بورڊ آف روينيو ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس جاءِ تي مقرري جي انتظار ۾ ويٺل گريڊ 16هين جي مختيارڪار عمران شبير کوکر کي تعلقي ٻهراڙي حيدرآباد جو مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ٿيو آهي.