نيوسعيدآباد(ن پ ا) شھيد غلام دستگير عرف پپو ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاء سماجي اڳواڻ عبدالعزيز ميمڻ، ايس يو پي ضلعي مٽياري جي صدر غلام مصطفا رند، رفيق ترڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقا پريس ڪلب اڳيان ڪيمپ ھنڻي  علامتي بک ھڙتال ڪئي ويئي  ھنن خطاب ڪندي چيو ته  گذريل 03 آگسٽ تي نيوسعيدآباد جي مندر محلي ۾ پرائمري استاد جنگ شير راجپوت شريف راجپوت، شاھد راجپوت نديم راجپوت، سيٺ شاھنواز مگتو راجپوت شھريار منگتو راجپوت  ۽ ٻين مستاني غلام دستگير ميمڻ عرف پپو ميمڻ کي مندر محلي جي گھٽين اندر  ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪري ڇڏيو ھو. اڳوڻي  ايس ايڇ او شريف کوسو ۽ اڳوڻي ھيڊ محرر الھيار ٻلال جوابدارن کان رشوت وٺي وارثن بجا۽ پوليس پاڻ فريادي بنجي قتل جي ايف آ۽ آر داخل ڪئي ھئي ۽ جوابدار سيٺ شاھنواز مگتو راجپوت ۽ سندس ڀا۽ شھريار منگتو ميمڻ کي بروقت گرفتار ڪري آزاد ڪري ڇڏيو ھو،  ھنن ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ ڪيس کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جيڪي سرعام گھمن پيا ۽ ڪيس تان ھٿ کڻڻ جو ڌمڪيون پيا ڏين ھنن جوابدارن جي فوري طور گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي،