ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي اگهن ۾ ھٿرادو واڌ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، طارق منصور ايڊووڪيٽ ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪندي چيو ته ڪراچي جي شهرين کان گذريل ٻن سالن دوران  منافعي خورن 47 ارب وصول ڪيا آھن، اهڙي تصديق مسابقتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڪئي وئي آهي، ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ جي جواب کانسواءِ قيمتن کي حتمي شڪل نٿي ڏئي سگهجي، درخواست گذار جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ڪمشنر کي کير جا اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار ناهي، اصل ۾ اهو اختيار بيورو آف سپلا ۽ پرائيس  ڪنٽرول جو آهي، عدالت کي جاچ ڪرڻي آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ اهي اختيار وفاقي حڪومت وٽ آهن يا صوبي کي مليل آهن؟ عدالت درخواستگذار طارق منصور پاران جمع ڪرايل رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي ڌرين کان ڇھن ھفتن ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.