ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ برسات متاثرن پاران  واهر نه ٿيڻ خلاف اي سي آفيس اڳيان شاميانا لڳائي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شهر جي گلشن آباد پاڙي جي رهواسي متاثرن عبدالواحد دايو ، معشوق ديناري، عبدالوهاب بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 2 مهينا گذري ويا آهن پر هن وقت تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا ڪا به واهر نه ڪئي آهي، هنن الزام هنيو ته اي سي متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان متاثرن کي ڏيڻ بدران رڳو تذليل ڪري رهيو آهي، من پسند ماڻهن کي امدادي سامان ملي رهيو آهي، ٻِي پاسي اي سي نهيد ميراڻي ٻڌايو ته احتجاج ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا امدادي سامان وٺي ويا آهن، ان باوجود احتجاج ڪري بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.