ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي بريڪ لڳي ويو: 227 رپين تي پهتو: سون 900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار  ۾ سون 900 رپيا لاٿ سان 151100 مان 150200 رپيا في  تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 4 ڊالر لاٿ سان 1640 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي،  هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 75 پئسا لاٿ سان 227.75 مان 227 ۽ انٽر بينڪ  ۾ 1.57 رپيا لاٿ سان 220.89 رپيا ٿي ويو، ٻئي پاسي  پائونڊ 6.5 رپيا واڌ سان 262.5 مان 269 ۽ يورو 4.5 رپيا اضافي سان 226.5 مان 231 رپين تي پهتا هئا.