ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن پوليس اهلڪارن هيڊ ڪانسٽيبل طارق الطاف ۽ ذيشان جي قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن فرحان شبير عرف ملا بابت فيصلو ٻڌائيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن جوابدار خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو، جوابدار جي وڪيل عابد زمان عدالت کي ٻڌايو ته فرحان شبير خلاف ڪو به ٺوس ثبوت نه ملي سگهيو آهي، مٿس قتل جا لڳايل الزام بي بنياد آهن، عدالت فرحان شبير عرف فرحان ملا کي 13 سالن کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو،  پوليس موجب جوابدار 13 ڊسمبر 2009ع تي جامعه مليه  روڊ تي شادي هال ٻاهران فائرنگ ڪري هيڊ ڪانسٽيبل طارق الطاف ۽ ذيشان قتل ڪيو هو.