ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت هڪ ارب رپين جي جعلسازي واري ڪيس ۾ پيءُ ۽ 2 پٽن رفيق ڀوجاني، زين ڀوجاني ۽ مزمل ڀوجاني پاران داخل ڪيل ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون ، ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد ايف آءِ اي عدالت جي احاطي مان ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنهي جوابدارن خلاف ايف آءِ اي هڪ ارب رپين جي جعلسازي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، جوابدارن تي جعلي اليڪٽرانڪ ڊيٽا ذريعي نجي ڪمپني جي شيئرز جي منتقلي جو الزام آهي. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن پاڪ چائنا فرٽيلائيزر ڪمپني جا شيئرز غير قانوني طور تي منتقل ڪيا هئا.