حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ اکين جي نور کان محروم ناري ڄنگهن کان معذور نوجوان سان شادي ڪري ڇڏيو، حالي روڊ سان تعلق رکندڙ اکين جي نور کان محروم ناري شمائلا ۽ قاسم آباد واسي درزڪو ڪم ڪندڙ معذور وحيد رانجهاڻي جي نڪاح جي تقريب فقرائي سٿ پاران ڊسيبل سينٽر لطيف آباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي نڪاح بعد سموريون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ ڪنوار کي رخصت ڪيو ويو، تقريب ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ذوالفقار هاليپوٽو، انجنيئر رزاق عمراڻي، انور سولنگي، آڪاش انصاري، رحمت الله ساند سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٻڌايو پيو وڃي ته اکين جي نور کان محروم ناري جو تعلق حالي روڊ واري علائقي سان آهي جنهن پنهنجي والدين جي رضامندي سان قاسم آباد واسي پوليو سبب ٻنهي ڄنگهن کان معذور درزڪو ڪم ڪندڙ نوجوان وحيد رانجهاڻي سان شادي ڪئي آهي، گهوٽ بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هن اها شادي پنهنجي پسند تحت ڪئي آهي، شادي جو سمورو خرچ فقرائي سٿ ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران ڪيو ويو. شادي جي تقريب دوران گهوٽ ۽ ڪنوار جو جذبو ڏسڻ وٽان هو، جڏهن ته تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن شادي وارن گيتن تي رقص به ڪيو. سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪورونا ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي شادي تقريب کي مختصر ڪيو ويو هو. کين تمام گهڻي خوشي آهي جو هو اکين جي نور کان محروم ۽ ڄنگهن کان معذور نوجوان جي شادي تقريب ۾ شريڪ ٿيا ۽ سمورا انتظام سنڀاليا.