نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ باءِ پاس روڊ ڀرسان زمين تي لاوارث حالت ۾ عورت بيھوشي ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو، ان حوالي سان اي ايس آءِ محمد خان سولنگي ٻڌايو ته نامعلوم عورت کي 3 ڏينهن کان درگاھ سعدي موساڻي ۽ شھر جي ويراني رستن تي گھمندي ڏٺو ويو آھي، جاچ ڪيون پيا، ٻئي طرف ڳوٺاڻن ٻڌايو ته عورت کي وارث درگاھ سعدي موساڻي تي ڇڏي پاڻ فرار ٿي ويا، عورت جو ذھني توازن به درست ناھي، اهڙو اطلاع پوليس کي به پر پوليس نه پهتي آهي.