ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، انتظاميا پاران تحرڪ نه وٺڻ ڪري شھري پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻ تي مجبور. سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽو ۾ لاڳاپيل ادارن جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سوا 2 لک کان مٿي انساني آبادي پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم بڻيل آھي. گذريل چئن ڏھاڪن کان پاڻي فراهميءَ جو معاملو رولڙي جو شڪار هئڻ سبب ھِن وقت شهري آبادي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت ڏکيائين کي منھن ڏئي رھي آھي. ٺٽي جي شاھ ڪمال، ڀٽواڻي محلي، مسڻ پاڙي، شڪر الاهي، ڪاشيگر محلي سميت مختلف علائقن ۾ گذريل 5 ڏينھن کان پاڻي جي مسلسل بندش جي ڪري رھواسي پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. پاڻي بندش جو ناجائز فائدو وٺندي ٽينڪر مافيا سرگرم ٿي وئي آھي، في ٽينڪر 1500 کان 2000 رپيا ۽ پاڻي جو ننڍو ڪين 30 کان 50 رپين ۾ وڪرو ڪري شھرين کي ٻنھي ھٿن سان ڦريو پيو وڃي. جڏھن ته شھرين جي احتجاج باوجود ميونسپل ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا شھرين کي پاڻي جي فراھم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. شھرين شاھد شاھ لڪياري، فقير علي سومرو، اعجاز علي ڪنڀار، اياز علي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ٺٽي شھر ۾ واٽر سپلاءِ جون نيون لائينون وڇائي پاڻي جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي.