ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ پاران ڏهين ڪلاس ( ميٽرڪ)  جي سالياني امتحان جو نتيجو  پڌرو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نتيجن موجب  جنرل گروپ ۾ باغ هالار گرلز اسڪول نشتر روڊ جي شاگردياڻي مدحت 92 سيڪڙو مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ماڻي، جڏهن ته ٽريول گائيڊ گرامر اسڪول لياري جي شاگردياڻي حافظه منهال 91.63 سيڪڙو مارڪون کڻي ٻي ۽ سٽيزن سيڪنڊري اسڪول باٿ آئلينڊ جي شاگردياڻي حبا ضياءَ 91.27 سيڪڙو مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. بورڊ اختيارين موجب ته جنرل گروپ ( ريگيولر ) ۾ 255  شاگردن اي ون، ، 1438 اي، 2563 بي، 2781 سي، 1363 ڊي ۽ 68 اميدوارن اِي گريڊ حاصل  ڪيو . اهڙي طرح جنرل گروپ (پرائيويٽ) ۾ 46 اميدوارن اي ون، 233 اي، 824 بي، 1137 سي، 586 ڊي ۽ 30 اميدوارن اِي گريڊ حاصل ڪيو، هوڏانهن اسپيشل ( معذورن)  شاگردن مان ڪمل 90.8 سيڪڙو مارڪون کڻي پهرين، مريم عزيز 89 سيڪڙو مارڪون کڻي ٻي ۽ فرح اسرار 88.8 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.