خانپورمهر(ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڀيٽور واري علائقي ۾ ڪارو نارو پاڻي جو دٻاءُ وڌي وڃڻ ڪري ٽٽي پيو، ڪارو  نارو جي نالي سان مشهور سِم نالي کي 20 کان 25 فوٽن جو گهارو لڳڻ ڪري پاڻي جو تيز وهڪرو ڀرپاسي طرف وڌڻ لڳو ته علائقي واسين ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته پاڻي جو تيز وهڪرو ڳوٺ غلام مصطفيٰ بُلو، شهزادو چنو، خدا بخش ميربحر، صوفي اسلم، ڀاڳيو ڳوٺ ۽ احمد پير جي قبرستان طرف وڌڻ لڳو آهي، جڏهن ته گهاري سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي  هيٺ اچي ويو آهي،  هوڏانهن ڪارو نارو کي لڳل گهارو بند ڪرڻ لاءِ علائقي واسين پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون ڪيون ويون،  ڳوٺاڻن موجب ته اطلاع باوجود انتظاميا ناهي پهتي، نوٽيس وٺي گهارو بند ڪرايو وڃي.