نئون دمبالو(ن پ ا)نئون دمبالو لڳ جاڙا واٽر اسٽاپ وٽ خاصخيلي ۽ نوحاڻي  برادري ۾ جهيڙو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري نوجوان اعجاز خاصخيلي زخمي ٿي پيو ۽ زخمي جي رڙين تي ڳوٺاڻا پھچي ويا پاڙي وارن جي اچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا اطلاع تي وارثن زخمي کي کڻي سرڪاري اسپتال پهچايو جتي وڌيڪ ڌڪ ھئڻ ڪري ڊاڪٽرن پاران فرسٽ ايڊ ڏئي وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد ريفر ڪيو آھي اسپتال ۾ زخمي صحافين کي ٻڌايو ته آئون تلهار مال پڙي تان واپس اچي رهيو هوئس ته رستي ۾ بيٺل ٻن جوابدارن زاهد نوحاڻي ۽ سيف نوحاڻي مون تي بيگناھ حملو ڪري سخت تشدد ڪري مون کان 60 ھزار روڪ رقم پڻ ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٻڍوقمبراڻي پوليس زخمي جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء رواني ٿي وئي آھي جڏھن ته آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي