ڪراچي: موسميات کاتي پاران سامونڊي طوفان بابت وڌيڪ هڪ الرٽ جاري

0
415

ڪراچي: موسميات کاتي سامونڊي طوفان بابت وڌيڪ هڪ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي چيئرمين اين ڊي ايم اي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين ادارن کي خط لکي آگاه ڪيو آهي ته سامونڊي طوفان تيزي سان ڪراچي طرف وڌي رهيو آهي، ايندڙ 18 کان 24ڪلاڪن جي اندر ڪراچي جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿي ويندو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ماهگيرن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو وڃي.