ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته شهر مان ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻيا خطرناڪ ڏوهه ختم ٿي ويا آهن، ايڪڙ ٻيڪڙ ڏوهه ٿين ٿا، اهي به سيف سٽي پراجيڪٽ سان ختم ٿي ويندا، ڪالهه تاجر الائنس طرفان عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ سي سي ٽي وي ڪيميرا 24, 25 اهلڪارن جي برابر آهي، واپاري تنظيمن سان گڏجي ڪيميرائون لڳايون پيون وڃن. هن چيو ته هڪ ٻه وارداتون ٿين ٿيون ته ميڊيا انهن خبرن کي بار بار ڏيکاري ٿي، ڄڻ هڪ 2 نه پر 10 وارداتون ٿيون هجن، هن چيو ته امن ٿيڻ ڪري  ٻاهران سيڙپڪار اچي رهيا آهن. هن چيو ته پوليس نفري جي کوٽ آهي، ڀرتيون ٿي رهيون آهن، جلد کوٽ ختم ٿي ويندي.